خالق جون سائنسي ڪاريگريون

خالق جون سائنسي ڪاريگريون

خالق جون سائنسي ڪاريگريون

خالق جون سائنسي ڪاريگريون (ڪتاب): هي ڪتاب عزيز الله بروهيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف الله تعاليٰ جي تخليقن کي سائنسي علمن جي روشني ۾ بيان ڪيو آهي. هن ۾ ڪل ست باب آهن؛ باب پهريون: سائنس ۽ غور و فڪر، باب ٻيو: انساني سوچ ۽ سائنسي رغبت، باب ٽيون: آسماني نعمتون، باب چوٿون: جانورن ۾ سائنسي نشانيون، باب ڇهون: پکين ۾ سائنسي عمل ۽ باب ستون: جاندارن کي صفائي جي ضرورت. ڪتاب ۾ ’پهرئين ڇاپي جو مهاڳ‘ نالي مصنف عزيز الله بروهي پاڻ لکيو آهي، جڏهن ته ٻئي ڇاپي جو مهاڳ ان وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ 111 صفحن تي مشتمل هي ناياب ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران 1994ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي جنهن جي قيمت 35 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو